شاهي محل

شاهي محل

شاهي محل

شاهي محل (ڪوٽڏيجي): شاهي محل، خيرپور جي ٽالپر حاڪمن جو يادگار آهي، جنهن کي ‘شيش محل’ به سڏيو وڃي ٿو. هي محل تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع اڏاوتي طرز ۾ شاهڪار آهي، جنهن جي عمارتسازي خاص طور ٽالپر دور جي عمارتسازيءَ جي فن جي عڪاسي ڪري ٿي. هيءُ محل هڪ ٿلهي تي رٿيو ويو آهي، جنهن کي هن وقت ڪابه چؤديواري ڪانه آهي، نه ئي ان جا ڪي آثار نظر اچن ٿا. عمارت رٿ ۾ چورس آهي. محل جي عمارت کي ٻن طرفن کان مکيه لنگھه ڇڏيا ويا آهن، جن جي مهاڙيءَ ۾ لنگھدار دروازن سان ڪوٺيون ٺاهيون ويون آهن. جيڪي چوڪيدارن ۽ پهريدارن جي رهائش لاءِ آهن. عمارت کي چؤڦير ورانڊو آهي، جنهن ۾ يارنهن ونگدار ٺلهه آهن، جن ۾ ٿنڀن تي ونگ وٽان ڪالمن سان محرابي ونگون جوڙيل نظر اچن ٿيون. درن جي مٿان چؤڪنڊن ڪالمن ۾ هر پاسي ٻارنهن دريون ڇڏيون ويون آهن، جيڪي ڄارين سان بند ڪيل آهن. ورانڊي کان اندر ڪمرن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جا دروازا به نصب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪمرن کي هوادار رکڻ لاءِ دريون پڻ آهن، جيڪي ورانڊي طرف کلن ٿيون. عمارت جي چئني ڪنڊن تي رومي طرز جا ٿنڀ ڏنل آهن، جيڪي مخصوص ڊزائين وارا آهن. ٿنڀ سنوت ۾ ڇت تائين وڃي مٿي چوٽيءَ تي به جڙيون ٺاهين ٿا، جيڪي چورس ۽ ڪٿي ڪٿي مستطيل خانا ٺاهين ٿيون. ٻيڙٻني تي چئني طرفن کان پٿر جون ڄاريون نصب آهن، جن جي وچ ۾ مهاڙيءَ جي پوياڙيءَ واري حصي تي يارنهن ٿنڀڙيون، انهن مٿان گنبذڙيون ۽ مٿان ننڍڙيون نيليون هنيل آهن، جيڪي محل جي زيبائش ۾ اضافو ڪن ٿيون. مهاڙيءَ جي نسبت ٻنهي پاسن کان ٻيڙٻني تي پٿر جي ڄارين جي وچ تي ساڳئي طرز وارين ٿنڀڙين جو تعداد هن وقت تيرنهن آهي. محل تي ٻاهرين ديوار توڙي ورانڊي ۾ هن وقت سفيد رنگ ڪيل آهي، جيڪو هينئر به سواءِ ٿوري هنڌ جي باقي چڱي حالت ۾ آهي. محل جي ساڄي پاسي واري پوئين ڪنڊ کان وڌواڙو ڪڍي ونگ ۾ ڪاٺ جو دروازو نصب ڪري لنگھه ڇڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ زمين جي سطح کان مٿي چاڙهي به ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ اٺ ڏاڪا آهن. اهڙيون ڏاڪڻيون مکيه لنگھن لاءِ ٺاهيل ڪوٺڙين سميت ٽنهي پاسن توڙي هر ڪنڊ وٽان ٺهيل آهن.
مک لنگھه مان ورانڊي وٽان محل ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ونگن سان ڪاٺ جا چار در نصب ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ ٻاهرين درن واري ڊزائن جا آهن. درن ۾ انڊلٺي رنگن جا نيرا شيشا به لڳل آهن، جڏهن ته محرابي ونگن جي مٿئين حصي کي چؤڪاٺيءَ مٿان محرابي طرز جون ڄاريون هڻي بند ڪيو ويو آهي. محل جي وچ تي هال آهي، جنهن جي ٽنهي طرفن ۾ وڌيڪ ڪمرا ٺهيل آهن، هال ۾ هر طرف ڪمرن لاءِ چار چار ساڳئي طرز جا دروازا نڪرن ٿا. هال ۾ زيبائش لاءِ ديوارن توڙي ڇت تي چٽ نڪتل آهن ۽ خوبصورت گلڪاري ڪيل آهي. هر هڪ در جي مٿان ڪالم ۽ انهن ۾ وڏا روشندان آهن، ڪالمن کي نيرين لڪيرن جا حاشيا پاتل آهن. شاهي محل ۾ سنگ مرمر نموني جي پٿر جي فرش بندي ڪيل آهي، ڀتين تي حاشين کان مٿي ننڍڙن ڪالمن ۾ ڪاشيگريءَ جو سهڻو ڪم ڪيل آهي ۽ نيري، پيلي، ڳاڙهي، سائي ۽ اڇي رنگ جا گل ۽ چٽ ڪڍيا ويا آهن. محل جي اندر هڪ حصي جي ڪمري جي ڇت جو ڇاڄو زبون ٿي پيو آهي، جنهن تان رنگ پڻ لهي ويو آهي، نه ته باقي ڇت توڙي ديوارون اندروني حصي ۾ به اڃا تائين درست حالت ۾ آهن. هيءُ محل ٽالپر حاڪمن جي پؤنئرن جي هٿ هيٺ آهي. هي محل تاريخي يادگار طور متعارف نه ڪرائڻ سرڪاري وابستگي نه هئڻ سبب نگهداشت کان محروم آهي. اهو ئي سبب آهي ته مختلف وقتن تي مقامي رهواسين هٿان عمارت کي نقصان پهچندو رهيو آهي. هن وقت محل گھمڻ وقت محل جي تصويرڪشي ڪرڻ منع ٿيل آهي.


لفظ شاهي محلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو